بشير احمد سومرو

بشير احمد سومرو: سنڌ جو نامور شاعر ۽ نثر نويس بشير احمد ولد صاحبڏنو سومرو، 10 آڪٽوبر 1942ع تي ڳوٺ کنڀڙا، تعلقي اٻاوڙي، ضلعي گھوٽڪيءَ ۾ ڄائو. سندس تخلص ’تعبير‘ آهي. شروعاتي تعليم 1954ع ۾ گونمينٽ پرائمري اسڪول اٻاوڙي مان حاصل ڪرڻ بعد مئٽرڪ 1961ع ۾ ميرپور ماٿيلي مان ڪيائين، ايم. اي (اسلامڪ ڪلچر: 1972ع)، ايم. اي (پوليٽيڪل سائنس: 1975ع) ڪيائين. ان کان سواءِ 1979ع ۾ بي. ايڊ جي ڊگري گورنمينٽ ايجوڪيشن ڪاليج سکر مان حاصل ڪيائين. هن عملي زندگيءَ جي شروعات 04 ڊسمبر 1961ع تي پرائمري استاد طور ڪئي ۽ ترقي ڪري 2003ع ڌاري هاءِ اسڪول استاد جي حيثيت ۾ رٽائر ڪيائين. بشير احمد سومري لکڻ جي شروعات 1961ع ۾ شاعريءَ کان ڪئي. هن وقت تائين غزل، وائي، بيت، ڪافي ۽ ٻين صنفن ۾ طبع آزمائي ڪري چڪو آهي. نثر جي حوالي سان ڪهاڻيون ۽ ڊراما لکيا اٿس. ناز ادبي سنگت، لطيف ادبي سنگت ۽ سنڌي ادبي سنگت شاخ ميرپور ماٿيلي جي ميمبر رهڻ سان گڏوگڏ اهم عهدن تي پڻ رهيو آهي. سندس مرتب ڪيل ڪتابن ۾: (1) ’ساغر مين سمندر‘ (شاعري)، (2) ’رسالو فقير قادر غلام‘ (شاعري) ۽ (3) ’فڪر عدم‘ (شاعري) شامل آهن، سندس ادبي خدمتن عيوض کيس حضور آرٽ اڪيڊمي اوارڊ سميت ٻيا ڪيترا اوارڊ ۽ اعزاز ملي چڪا آهن..


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1942.10.10  عيسوي

سنڌ جو نامور شاعر ۽ نثر نويس بشير احمد ولد صاحبڏنو سومرو، 10 آڪٽوبر 1942ع تي ڳوٺ کنڀڙا، تعلقي اٻاوڙي، ضلعي گھوٽڪيءَ ۾ ڄائو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ادراڪي بيگلاري
رضوي محمد زمان شاهه
بسمل ٽکڙائي
دقيقي
ڪشنچند بيوس
حاجي عبدالله ڊکڻ
اسير امتياز
ڪيف رضواني
سنجر ڪاشاني
ساجد سنڌي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون